پنوعاقل:نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ
پنوعاقل:نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ *پني عاقل ڀرسان زمين مان نوجوان جو لاش ھٿ ڪيو ويو آهي . ڪينٽ ٿاڻي جي حد پير تاجو ڦاٽڪ لڳ زمين مان نوجوان جو لاش مليو آيو آهي لاش جي سڃاڻپ ڳوٺ سونو بلو واسي اربيلو چاچڙ طور ڪئي وئي آهي. اطلاع تي پوليس پھچي لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو. پوليس موجب لاش مٿان تشدد جا نشان آھن، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون .