سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ “يوٿ سٽيزن جرنلزم پروگرام ۽ يوٿ ايمرجنگ اسٽار پروگرام” شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ “يوٿ سٽيزن جرنلزم پروگرام ۽ يوٿ ايمرجنگ اسٽار پروگرام” شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي، سنڌ جي ڇهن ڊويزنن ۾ نوجوانن لاءِ ڪيپسٽي بلڊنگ ۽ ڊجيٽل اِسڪل ٽريننگ جهڙا جديد پروگرام به شروع ڪيا ويندا، جنهن جو مقصد نوجوانن کي تربيت، شعور ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، يوٿ سٽيزن جرنلزم پروگرام تحت نوجوان صحافين کي تربيت ڏني ويندي ته جيئن اُهي پنهنجن علائقن جا مسئلا، واقعا ۽ هاڪاري ڪهاڻيون سٺي انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪري سگهن