تازه ترين
سنڌ هاءِ ڪورٽ : گمشدگي بابت درخواست،  درخواستگذارن جي غير حاضري سبب درخواست رد

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سيد عالم جي گمشدگي بابت درخواست غير حاضري سبب خارج ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيد عالم جي گمشدگي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواست گذار قمرالنهر ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي غير حاضري ۽ ڪيس جي پيروي نه ٿيڻ سبب درخواست رد ڪري ڇڏي. سيد عالم سال 2024ع ۾ ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري مان اوچتو غائب ٿي ويو هو، جنهن تي سندس ڪٽنب پاران عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو.

خبرون