وفاقي حڪومت ڪراچي کي فراهم ٿيندڙ بجلي ۾ اضافي جو فيصلو ڪري ورتو
وفاقي حڪومت ڪراچي کي فراهم ٿيندڙ بجلي ۾ اضافي جو فيصلو ڪري ورتو، پاور ڊويزن جي سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻڌايو ته وفاق طرفان ڪراچي کي ملندڙ بجلي ۾ اضافو ٿيندو، وفاق طرفان ڪراچي کي 900 بدران 16 سئو ميگا واٽ بجلي فراهم ڪئي ويندي