ڀارت پاڻ کي سپر پاور سمجهي رهيو آهي، اها ان جي ڀل آهي:ناصر حسين شاهه
ڀارت پاڻ کي سپر پاور سمجهي رهيو آهي، اها ان جي ڀل آهي، پهلگام واقعي جي پاڪستان مذمت ڪئي، پر پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي ڀارت مذمت نه ڪندو آهي، ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدي کي معطل نه ٿو ڪري سگهي، پاڪستان پرامن ملڪ آهي، جنگ نه ٿا چاهيون جيڪڏهن اڳرائي ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو:صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جون سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ، سندس چوڻ آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ تي به سنڌ جي خلاف ڪا شيءَ قبول نه هوندي،پيپلز پارٽي پاڻي جي معاملي کي اهميت ڏئي رهي آهي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ جي لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويندا، سينيٽ جي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار وقار مهدي وڏي اڪثريت سان کٽي ويندو