اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جو ڪو هٿ ناهي:بلاول ڀٽو زرداري
سنڌ طاس معاهدي جي معطلي انسانيت خلاف ڏوهه آهي، اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جو ڪو هٿ ناهي، پاڪستان دهشتگردي برآمد نه ڪري رهيو آهي پر پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي:پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستاني قوم ڊڄي ڪري جيئڻ ناهي سکي، ڀارت پاڪستان کي پنهنجي نااهلي جو ذميوار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، دهشتگردي صرف جسمن تي حملي جو نالو ناهي، اها سچ، امن ۽ تهذيب تي حملو آهي، وڌندڙ ناانصافي تي عالمي خاموشي دهشتگردي آهي،.