صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرل مهر مارجي ويو
صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرل مهر مارجي ويو، چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ڳو ساماڻو جتوئي ۾ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙهائي، شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرل مهر مارجي ويو، جوابدار جو پٽ گلڻ مهر، سندس گهر واري زخمي، پوليس جي چڙهائي دوران ٽن پوليس آفيسرن جي قتل ڪيس جو مک جوابدار نصر قادراڻي ساٿي سرور جتوئي سميت زخمي پڻ ٿيو، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي مک جوابدار شيرو مهر جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي