تازه ترين
 سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ بزنس فيسليٽيشن اينڊ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

سنڌ حڪومت ۽ ڪاروباري تنظيمن وچ ۾ سوشل ميڊيا جي ڪوڙين خبرن جي روڪٿام لاءِ فيڪٽ چيڪنگ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ بزنس فيسليٽيشن اينڊ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس، ڪاروباري برادري کي ميڊيا بابت پيش ايندڙ مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ، ڪوڙين خبرن جي ڪاروبار ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن تي ڳالهيون، اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ تي غور، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته حڪومت جعلي خبرن جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ پـُرعزم آهي ته جيئن ڪاروباري برادري جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي، جعلي خبرن جي روڪٿام لاءِ صحافت ۽ لاڳاپيل ڌرين جو سهڪار اڻٽر آهي، ڪاروباري برادري ۽ اطلاعات کاتي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻو پوندو

خبرون