اسلام آباد ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جي ميزبانيءَ هيٺ ٻولين جي اهميت بابت ڪانفرنس
اسلام آباد ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جي ميزبانيءَ هيٺ ٻولين جي اهميت بابت ڪانفرنس، سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو، سرائڪي ۽ اردو ٻولين جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن جي شرڪت، پاڪستان ۾ سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو مطالبو، آئين جي آرٽيڪل 152 جي شق 3 تحت ٻولين جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ اپاءُ وٺڻ جي گهر، پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا ربانيءَ چيو آهي ته پاڪستان صوبائي خودمختياريءَ جي بنياد تي ٺهيو هو، 1948 ۾ فيصلو ٿيو هو ته اردو رڳو سرڪاري ٻولي هوندي، اردو ۽ انگريزيءَ کي سرڪاري ٻولي برقرار رکندي مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي