پ پ جي سنڌ حڪومت سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي منظور ٿيڻ نه ڏيندي:مراد علي شاهه
پ پ جي سنڌ حڪومت سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي منظور ٿيڻ نه ڏيندي،سنڌ جا محافظ اسين آهيون، ڪئنال روڪرائڻ لاءِ هڙتال جي ضرورت ناهي، ڪالاباغ جي حوالي سان شهيد بينظير ڀٽو، ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو، سکر حيدرآباد وارو روڊ خراب آهي جيڪو سکر اچڻ چاهي ٿو اُهي بددعائون ڏيندا هوندا ، اُهي بددعائون سنڌ حڪومت کي نه پر ڪنهن ٻئي کي ڏنيون وڃن، وفاق کي گهرجي ته موٽر وي جلد تعمير ڪيو وڃي:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر چيپٽر ٽـُو جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت آرٽ ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، آرٽس ڪائونسل جي حوالي سان احمد شاهه جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن سنڌ حڪومت سکر جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ، پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ خورشيد شاهه، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، اويس قادر شاهه، ناصر حسين شاهه، ذوالفقار علي شاهه، علي حسن زرداري، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا