سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو ڊيرا اسماعيل خان جيل جو دورو
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو ڊيرا اسماعيل خان جيل جو دورو، قيدين جا مسئلا معلوم ڪري کين ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، ڊي آءِ خان، ٽانڪ، وزيرستان جي سيشن ججن سان ملاقات ڪري جيل سڌارن ۽ جڊيشل آفيسرن جي تربيت بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو چوڻ آهي ته عدالتي آفيسرن لاءِ سازگار ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن