تازه ترين
پي ٽي آءِ وارا ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ باني کي پنهنجا ڪارڪن به نظر انداز ڪري رهيا آهن:شرجيل  ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا، پي ٽي آءِ باني کي پنهنجا ڪارڪن به نظر انداز ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، هن وقت پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي پروپينگڊا ۽ افواهون پکيڙي رهي آهي، سماجي اڳواڻن سان ٻاهرين ملڪن ۾ غلط رويا رکڻ برادشت جوڳو ناهي سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ پي ٽي آءِ کي سڄي صوبي ۾ جلسن کان نه روڪيندي، جيڪڏهن 9 مئي جهڙو واقعو ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وقت اڌ پي ٽي آءِ وارا آمريڪا پهتل آهن، پي ٽي آءِ باني لاءِ رليف چاهين ٿا، ڪو به ملڪ پاڪستان جي اندورني معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي

خبرون