سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي ٽن هفتن ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، ايڊيشنل اٽارني جنرل ضياءَ مخدوم ابراهيم، بئرسٽرعلي طاهر ۽ ٻيا پيش، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواستگذارن 26 هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪيو، اهڙيون درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ٿيون آهن، سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ساڳين درخواستن کي پهريان ٻڌڻ ڏنو وڃي. چيف جسٽس شفيع محمد صديقي پڇاڻو ته ڇا اسان کي درخواستون ٻڌڻ کان روڪيو ويو آهي؟ ڪيترائي اهڙا فيصلا آهن جن ۾ سپريم ڪورٽ چيو ته پهريان هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو