صدر زرداري قتل سازش ڪيس، شيخ رشيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ
اسلام آباد جي مقامي عدالت، صدر آصف علي زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش بابت ڪيس ۾ شيخ رشيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد پنهنجي وڪيلن سان گڏ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شيخ رشيد جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو