جماعت اسلامي جو سڀاڻي ضمني مڪاني چونڊن لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو
جماعت اسلامي جو سڀاڻي ضمني مڪاني چونڊن لاءِ ڪراچي جي پولنگ اسٽيشنز ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر جو چوڻ آهي ته سڀاڻي صوبي ۾ ضمني مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، ڪراچي ۾ 10 هنڌن تي چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، ٺڳي ۽ ڌانڌلي جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، ماڊل ٽائون جي رهواسين لاءِ آباديءَ کان پري پولنگ بوٿ ٺاهيا ويا آهن ، اسان اليڪشن ڪميشن کي ڌانڌلي بابت ثبوت ۽ خط لکيا