محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ڪوئيٽا ۾ ملاقات
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ڪوئيٽا ۾ ملاقات، ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو، بلوچستان ۾ امن امان ۽ عوام جي جان مال جي تحفظ لاءِ قدمن تي غور ويچار، ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو، گهرو وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي، هن جنگ ۾ رڳو ڪاميابي ئي پهريون ۽ آخري آپشن آهي، بلوچستان ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو،سرفراز بگٽي چيو ته امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن،آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن