تازه ترين
صدر ۽ وزيراعظم پاران اسپن وام ۾ ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اسپن وام ۾ ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي . صدر آصف علي زرداري طرفان 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج پيش ڪيو ويو . صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ سڪيورڙٽي فورسز ڪارروايون جاري رکنديون. وزيراعظم شهباز شريف پڻ اسپن وام ۾ ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو . وزيراعظم شهباز شريف پاران 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ ڇهن کي زخمي ڪرڻ تي فورسز جي واکاڻ ڪئي وئي . وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

خبرون