تازه ترين
پي ٽي آءِ باني کي راولپنڊي جي نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل دهشتگرديءَ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو

تحريڪ انصاف جي باني کي راولپنڊي جي نيو ٽائون ٿاڻي تي داخل دهشتگرديءَ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، عمران خان خلاف وڳوڙ، پٿراءَ، پوليس سان مزاحمت ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس دهشتگردي سميت ٻين قلمن تحت داخل آهي، راولپنڊي پوليس موجب پي ٽي آءِ باني کي جسماني رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. اڊيالا جيل ۾ اڄ ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي، دھشتگردي ٽوڙ عدالت باني پي ٽي آءِ خلاف 28 سيپٽمبر جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، باني پي ٽي آءِ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، پوليس پاران پي ٽي آءِ باني جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي

خبرون