هڪ سال پهرين ڇانيل مايوسيءَ جا ڪڪر اڄ ٽري ويا آهن: آرمي چيف
هڪ سال پهرين ڇانيل مايوسيءَ جا ڪڪر اڄ ٽري ويا آهن، مايوسي پکيڙيندڙ ۽ ڊيفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙ اڄ ڪٿي آهن؟ سمورا معاشي انگ اکر هاڪاري آهن، ايندڙ سال وڌيڪ بهتري ايندي، مونکي پاڪستان جي روشن ۽ مستحڪم مستقبل تي پڪو يقين آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو ڪراچيءَ ۾ واپاري برادريءَ کي خطاب، چوي ٿو، ڊجيٽل سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي ڊجيٽل سيڪيورٽي رياست جي ذميواري آهي، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جو ڪراچيءَ ۾ جاري نمائش “آئيڊياز 2024” جو دورو، نمائش ۾ شريڪ پرڏيهي دفاعي نمائندن سان به ملاقاتون، آرمي چيف طرفان دوست ملڪن جي شرڪت جي واکاڻ