تازه ترين
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي صدارت هيٺ ڪراچي سيف سٽي منصوبي بابت اجلاس

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي صدارت هيٺ ڪراچي سيف سٽي منصوبي بابت اجلاس، وڏي وزير کي سيف سٽي منصوبي جي فيز ون بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سيف سٽي منصوبي تحت مرحليوار سمورن شهرين کي مڪمل طور محفوظ بڻايو ويندو، اسان جو مقصد عوام کي تحفظ ڏيڻ سان گڏ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ به آهي، ملڪ جي ترقي لاءِ امن امان جي صورتحال کي بحال ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، سنڌ سيف سٽي اٿارٽي هيڊڪوارٽرز ۾ هڪ مانيٽرنگ روم قائم ڪيو ويو آهي، آئيڊياز 2024ع جي ايونٽ جي سڪيورٽي انتهائي اهم آهي، شاهراه فيصل، ايڪسپو سينٽر، ايئرپورٽ ۽ سوڪ سينٽر جي ڀرپاسي سڪيورٽي جي بهتر نگراني لاءِ سسٽم مڪمل فعال آهي

خبرون