ڪراچيءَ ۾ عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع جي افتتاحي تقريب
ڪراچيءَ ۾ عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع جي نمائش، ايڪسپو سينٽر ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ نمائش جي افتتاحي تقريب، دفاعي وزير خواجا آصف، ڊي جِي ڊيپو ميجر جنرل اسد نواز جنجوعا، وفاقي وزير ڄام ڪمال، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري شريڪ، دفاعي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز تمام گهڻي اهميت جوڳي آهي، پاڪستان سڄي دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، نمائش ۽ ڪانفرنس ۾ ٽيڪنيڪي معاملن سميت اهم معاملن تي غور ٿيندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهي، علائقائي امن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو، ميجر جنرل اسد نواز جنجوعا چيو ته اهڙي قسم جي نمائش سان ملڪ جي دفاعي صنعت کي هٿي ملندي عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع ۾ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا جا اهم ملڪ حصو وٺي رهيا آهن، سعودي عرب، چين، ترڪي، گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، ايران، يمن، ڀارت، جاپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٻيا ملڪ شريڪ، آئيڊياز ۾ جديد ترين ۽ روايتي دفاعي هٿيارن جي نمائش ڪئي پئي وڃي، آئيڊياز ۾ ٽينڪن، جنگي جهازن، هيلي ڪاپٽرز ۽ سامونڊي جهازن جي نمائش ڪئي پئي وڃي، آبدوزن، ڊرونز، ميزائل، سائبر ڊفينس، سيٽلائيٽ ۽ اليڪٽرانڪ وار فيئر سسٽمز به نمائش جو حصو آهن، نمائش جو مقصد پرڏيهي وفدن، حڪومتي عهديدارن ۽ نمائش جا انتظام ڪندڙن وچ ۾ اثرائتي نيٽ ورڪنگ فراهم ڪرڻ آهي