تازه ترين
لاهور کانپوءِ ڪراچي جي فضا صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار

لاهور کانپوءِ ڪراچي جي فضا صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار، دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ لاهور ٻئين ۽ ڪراچي پنجين نمبر تي اچي ويو، پاڪستان ۾ لاهور 404 ايئر ڪوالٽي انڊيڪس سان گڏ گدلن ترين شهرن ۾ پهرين، ملتان 304 پوائنٽس سان ٻئين، ڪراچي 207 پوائنٽس سان ٽئين ۽ پشاور 203 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي موجود، پنجاب ۾ سموگ جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي، لاهور ۽ ملتان جي فضا ۾ بدستور گدلاڻ برقرار، سموگ جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ شرط لاهور ۽ ملتان ڊويزنن ۾ تعليمي ادارا کلي ويا، شاگردن، استادن ۽ ملازمن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت، آئوٽ ڊور اسپورٽس ۽ ٻين غير نصابي سرگرمين تي پابندي برقرار، سموگ جي صورتحال ۾ ڪجهه بهتري اچڻ تي پابندين ۾ به نرمي ڪئي وئي، سمورن هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس کي رات ڏهين وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت ڏني وئي، هوم ڊليوري خدمتن تي ڪنهن قسم جي ڪا پابندي نه هوندي

خبرون