تازه ترين
پي ٽي آءِ باني ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڀڙڪايو پيو وڃي:شرجيل انعام ميمڻ

پي ٽي آءِ باني ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڀڙڪايو پيو وڃي، بشريٰ بي بي چئي رھي آھي ته ھر اڳواڻ 5_5 ھزار ماڻھو مارچ ۾ آڻي، چيو پيو وڃي ته جيڪو 5 ھزار ماڻھو نه آڻيندو، ان جي پارٽي رڪنيت معطل ڪئي ويندي، هڪ گروھه چاھي ٿو ته ملڪ جي معيشت ترقي نه ڪري، هڪ صوبي جي وڏي وزير سرڪاري مشينري جي مدد سان اسلام آباد تي چڙھائي ڪئي، سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي ڊجيٽل دھشتگردي ڪئي پئي وڃي:سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جون ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ واري فيصلي تي خدشا آھن، ان معاملي تي سنڌ حڪومت جو موقف واضح آھي، 2008ع دوران پيپلز پارٽي جو ٽارگيٽيڊ ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو اسان ڪڏھن به ميڊيا تي پابندي جي ڳالھه ناھي ڪئي

خبرون