سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۾ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد بس سروس جي نظام کي بھتر ڪرڻ آھي، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان پيپلز بس سروس جي مانيٽرنگ، لائيو ٽريڪنگ ٿي سگھندي،بس ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرز کي به ڪيمرائن ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو،ڪنهن کي ڪابه شڪايت آھي ته ان تي بروقت ڪارروائي ٿيندي، حيدرآباد_ سکر موٽر وي جي سڄي پاڪستان کي ضرورت آھي، وفاقي حڪومت کي چيو آھي ته جيڪو جائز حق آھي، اھو اسان کي ڏنو وڃي، ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون خريد ڪرڻ وارا آھيون