فلڪ شبير جو سارا خان لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ تحفو، اداڪارا جي اکين ۾ لُڙڪ
مڙس فلڪ شبير، جيڪو ساره خان کي روزانو گل ڏئي پيار جو اظهار ڪندو آهي، کيس قيمتي تحفو ڏئي حيران ڪري ڇڏيو. فلڪ شبير اڪثر ڪري سارا خان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ خوبصورت تحفا ڏيندو آهي، جنهن جون وڊيوز به مداحن سامهون اينديون رهنديون آهن. تازو فلڪ شبير پنهنجي يوٽيوب چينل تي هڪ ولاگ شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن اهو فارم هائوس ڏيکاريو جيڪو هن پنهنجي گهر واري ۽ اداڪارا ساره خان کي تحفي ۾ ڏنو. ان موقعي تي ساره خان پنهنجي مڙس پاران ڏنل قيمتي تحفو ڏسي نه رڳو حيران ٿي وئي پر جذبات تي قابو نه رکي سگهي ۽ ڳوڙها پڻ ڳاڙي ويٺي. فلڪ شبير جو چوڻ هو ته هو گذريل ڏيڍ سال کان پنهنجي زال لاءِ فارم هائوس ٺاهي رهيو هو، فلڪ جو فارم هائوس ٻاهران ڳوٺاڻي انداز ۾ ٺهيل آهي ۽ اندران جديد سهولتون موجود اٿس، جڏهن ته فارم هائوس ۾ انگورن، انجير، ڪينو ۽ ٻين ميون جا وڻ پڻ پوکيا ويا آهن.ياد رهي ته فلڪ شبير هن سال اداڪارا سارا خان ۽ ڌيءُ عاليانا فلڪ کي مرسڊيز بينز پڻ تحفي ۾ ڏني هئي. فلڪ شبير ۽ سارا خان جولاءِ 2020 ۾ شادي ڪئي هئي، جوڙي کي هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي.