نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا رستي تان ڀٽڪي ويا آهن: مٿيرا
اداڪارا ماڊل،۽ ٽي وي ميزبان مٿيرا چيو آهي ته پاڪستاني سماج ۾ به شاديون ڪاروباري معاهدن جيان ٿي رهيون آهن ۽ والدين به پئسو ۽ حيثيت ڏسي رشتن کي اهميت ڏيڻ لڳا آهن. ويجهڙ ۾ مٿيرا هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شادي، لاڳاپن سميت مختلف موضوعن تي گفتگو ڪئي. ماڊل ۽ اداڪارا چيو ته پاڪستاني معاشرو انتهائي ايڊوانس بڻجي چڪو آهي، نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رستي تان ڀٽڪي ويا آهن، ناجائز لاڳاپا عام ٿي چڪا آهن جنهنڪري مسئلا به پيدا ٿي رهيا آهن. اداڪارا چيو ته پاڪستان ۾ هر ماڻهو ٻئي جي ذميواري کڻڻ سبب ذهني مسئلن ۽ انزائٽي جو شڪار ٿي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مٿيرا چيو ته شادي شده جوڙن ۾ پرائيويسي جي احترام جي ڳالهه بيوقوفي آهي، اِهو چوڻ ته زال يا مڙس کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، کين ڪاوڙ يا پريشاني جي حالت ۾ تنگ نه ڪيو وڃي، اِهو غلط خيال آهي، انڪري ئي وڌيڪ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون. هن چيو ته مڙس يا زال ڪاوڙ ۾ هجي يا ڪو جهيڙو ٿي پوي ته کين سمجهائڻ ۽ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي، جڏهن به ڪا غلطي ٿئي، اِها ان وقت ئي سڌاري وڃي، غلطي سڌارڻ لاءِ انتظار ڪرڻ ئي غلطي آهي، جنهن سبب مسئلا وڌي ويندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ مٿيرا چيو ته ننڍين ننڍين ڳالهين تي اختلافن کانپوءِ شادين جو ٽٽڻ عام بڻجي چڪو آهي، ڇو ته هر ڪنهن وٽ آپشن وڌي ويا آهن. هنن ڇوڪرين کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته هو ننڍي عمر هئڻ باوجود شادي شده مردن جي پويان ڇو پئجي وينديون آهن؟ شادي بابت سوال تي هن چيو ته ڏٺو وڃي ته پاڪستاني سماج ۾ اڄ ڪلهه ڪاروباري معاهدن جيان شاديون ٿي رهيون آهن. هن دليل ڏيندي چيو ته مرد شادي لاءِ عورت جي خوبصورتي ۽ جسامت کي ڏسندو آهي جڏهن ته عورتون رشتي لاءِ مرد جي حيثيت کي ڏسي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته نه رڳو ڇوڪريون پر والدين به دولت ۽ حيثيت کي ڏسي رشتا طئي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب شاديون هڪ ڪاروباري معاهدي ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ جي خوبصورتي ڏسي ساڻس شادي ڪري ٿو ۽ وري ڇوڪري خوبصورت نٿي رهي ته هو ٻئي آپشن جي ڳولا ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن سبب مسئلا جنم وٺن ٿا.