سنجي دت جي نئين شادي، ڪنوار ڪير آهي؟ وڊيوز ۽ تصويرون سامهون اچي ويون
ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب بالي ووڊ جي سنجو بابا پنهنجي موجوده زال سان ٻيهر شاديءَ جون رسمون ادا ڪيون آهن، سنجي دت پنهنجي ٽين زال مانياتا دت سان ٻي شادي ڪئي آهي ۽ هڪ مندر ۾ سندن ٻي شادي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ جوڙو هندو رسمن تحت شادي ڪندي نظر اچي رهيو آهي. هندو ڌرم موجب شاديءَ جي تقريب ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار اگنيءَ جي چوڌاري 7 ڦيرا ڏين ٿا.شاديءَ جي رسمن جي ادائيگيءَ دوران 65 سالن جي سنجي دت زعفراني رنگ جي ڌوتي ڪُڙتو پهريو ۽ پيشاني تي تلڪ به لڳايو، جڏهن ته سندس زال مانياتا دت (46 ورهين جي دلنواز شيخ) کي اڇي شلوار قميص اوڍيل هئي. مانياتا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريءَ تي ٻيهر شاديءَ جي رسمن جي هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي. واضح رهي ته سنجي دت ۽ مانياتا جي شادي 7 فيبروري 2008ع تي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ کين 21 آڪٽوبر 2010ع تي جاڙن ٻارن (پٽ ۽ ڌيءَ) شهران دت ۽ اقرا دت پيدا ٿيا. سنجي دت جي پهرين شادي 1987ع ۾ ريچا شرما سان ٿي، جيڪا 1996ع ۾ ڪينسر سبب فوت ٿي وئي، ريچا مان کيس 36 ورهين جي ڌيءَ ترشالا دت جو اولاد آهي. مانياتا کان اڳ، سنجي فيبروري 1998 ۾ ايئر هوسٽس مان ماڊل ريحا پيلي سان شادي ڪئي هئي، پر 2008 ۾ انهن جي طلاق ٿي وئي.