وزير اعلي پنجاب  مريم نواز سان   ارجنٽائن جي سفير  جي ملاقات

وزير اعلي پنجاب مريم نواز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر ارجنٽائن جي سفير سيباسٽين سيوس ملاقات ڪئي آهي . ملاقات ۾ لائيو اسٽاڪ ، زراعت ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين صنعتي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . ملاقات دوران اوڪاڙا ۾ سائلوز پائلٽ پروجيڪٽ لانچ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو . ملاقات دوران وزير اعلي پنجاب مريم نواز چيو ته پاڪستان ۽ ارجنٽائن جي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو . ملاقات دوران مريم نواز چيو ته لائيو اسٽاڪ ، راندين جو سامان ۽ سرجيڪل سامان جي شعبي لاء ارجنٽائن سان واپار کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي . هن چيو ته حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاري ڪندڙن کي ملڪ ۾ سيڪيورٽي سميت سموريون سھولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ سيڙپڪاري جا بھترين موقعا آھن ان مان فائدو وٺي سگھجي ٿو. ملاقات دوران ارجنٽائن جي سفير چيو ته لائيو اسٽاڪ ۽ بائيو ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ پنجاب سان گڏ ڪم ڪرڻ چاھيون ٿا. هن چيو ته واپار جي واڌاري لاءِ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ، بزنس ٽو بزنس ڪوآرڊينيشن کي بھتر ڪرڻ لاء بھتر ڪردار ادا ڪنداسين.

خبرون