ڇا آئين ۾ ترميم بليڪ روب ۽ وردي وارا ڪري سگهن ٿا؟ :بلاول ڀٽو

ڇا آئين ۾ ترميم بليڪ روب ۽ وردي وارا ڪري سگهن ٿا؟ ڇا عوام جن کي چونڊي موڪلي ٿو، اهي صرف تماشو ڏسڻ لاءِ آهن، جنهن کي پنهنجي مرضي جو قانون ٺاھڻو آھي، اھو سياست ۾ اچي، مون کي ڪوبه مسئلو ناھي، ٻنھي ججز مان ڪوبه اچي ويھي، شھيد ڀٽو جي ڪيس جو فيصلو ڪھڙو ھجي ھا، جيڪڏھن عدالت ۾ چئني صوبن جا ججز ھجن ھا، انهن کي جسٽس پارٽي ٺاھڻ گھرجي پوءِ سياست ڪن، کيس خبر آھي ته ملڪ ۾ انصاف ملڻ مشڪل آھي، آمر جي دور ۾ ٺهيل ڪاري قانون جو خاتمو ضروري آھي، شھيد بي بي ٻيو ڀيرو وزير اعظم ٿي پر خواب پورو نه ڪري سگھي ،اسان ميثاق جمھوريت ذريعي 1973ع جي آئين کي بحال ڪيو، 18ھين ترميم ذريعي آئين بحال ڪيو، جيڪا ڪنهن جج ۾ ھمٿ نه ھئي، پھرين نواز شريف پوءِ پرويز مشرف ذريعي جيل اماڻيو ويو، صدر آصف زرداري کي بنا ڪنهن ڏوھه جي 12 سال جيل ۾رکيو ويو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زداري بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب، چيائين، توھين عدالت جو مقصد ججز خلاف ڳالھايو ته سڄي عمر لاءِ سزا ملندي،افتخار چوڌري، جنرل پاشا ۽ جنرل ڪياني وچ ۾ ٺاھه ٿيو ھو ملڪ ۾ ڪنهن کي مقدس ڳئون نه هجڻ گهرجي، عدالتي سسٽم ۾ ٿورا نه پر گهڻا مسئلا آهن، جيڪڏھن وفاقي آئيني عدالت نه ٺھي ته نقصان ٿيندو رھندو، اھڙي صوبائي آئيني عدالت ٺاھي وڃي جيڪا صوبائي سطح جا ڪيسز ڏسي، شھيد بي بي به اھا ئي تجويز ڏني ھئي ، آئيني سازي ڪرڻ تمام ضروري آھي ، ماضي جو نعرو ھو رياست ھوندي ماءُ جيان، پر ھاڻي پيءُ ٿي وئي آھي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زداري بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيلن ڳالهيون، چوي ٿو،بلوچستان جي وڪيلن آمريت جو ڄمي مقابلو ڪيو، بلوچستان جي عوام ڪجھه عرصي کان دھشتگردي کي منهن ڏئي رھي آھي، اسان جي نسلن جمھوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آھن

خبرون