لاڙڪاڻو: گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب سنديلو ۾شاگردن جي   والدين جي گڏجاڻي

لاڙڪاڻي ويجهو گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب سنديلو ۾شاگردن جي والدين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ ڊِي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، ڊپٽي ڊي اِي او پير محمد شاهه، هيڊ ڪلارڪ مسعود سومرو، ڊي سي ايم آفتاب احمد کهاوڙ ۽ ڪاشف شاهه شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊِي اِي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي شاگردن جي والدين کي خطاب ڪندي چيو ته اسڪول جي ٻارن جي تعليم جي جيتري ذميواري استادن جي آهي اوتري ئي سندن والدين جي آهي. هن چيو ته ٻارن جي والدين کي اسڪول مان مليل ٽاسڪ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻارن جي مدد ڪرڻ گھرجي. ٻئي طرف ڊي سي ايم آفتاب احمد کهاوڙ چيو ته مقصد آهي ته هارين توڙي غريبن جا ٻار ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غريب جا ٻار به آفيسر بڻجي سگهن ٿا.

خبرون