پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ملڪ دشمني تي ٻڌل آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ملڪ دشمني تي ٻڌل آهي. ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس سي او اجلاس کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا تي عمل ڪيو ويو. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته چين جي صدر جي دوري کي به ڌرڻو هڻي خراب ڪيو ويو هو. ڪي پي جي گورنر چيو ته ڪي پي ۾ رڳو ڪرپشن ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪي پي جو هر علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آئين ۾ گورنر راڄ جو ذڪر آهي. گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اسان ڪڏهن به ملڪ دشمني نه ڪئي آهي.

خبرون