اسرائيل پاران   بيروت تي هوائي حملا، ڪيترائي ماڻهو شهيد

اسرائيل لبنان جي راڄڌاني شهر بيروت تي هوائي حملا ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل لبنان ۾ حملن جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي هوائي فوج بيروت جي علائقي داحيه ۾ ڪيترائي طاقتور بم ڪيرايا جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي باهه لڳي وئي ۽ ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون. ميڊيا رپورٽن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته اسرائيلي هوائي فوج حزب الله جي هٿيارن جي ذخيرو کي نشانو بڻائڻ جي دعوي ڪئي آهي ۽ هڪ لبناني ٽي وي چينل جي آفيس کي پڻ نشانو بڻايو ويو . اسرائيلي فورسز بيروت ۾ گڏيل قومن جي آفيس تي به بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. يهودي فوجن لبنان جي اسپتالن تي بمباري ڪئي، اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا شهيد ٿي ويا. برطانوي پرڏيهي وزير صحت مرڪزن تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. رپورٽ موجب حزب الله جوابي راڪيٽ فائر ڪري اسرائيلي شهر ڪريات شمعونه تي فائرنگ ڪئي، ڪيترن ئي هنڌن تي 30 کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا. عرب ميڊيا موجب، لبنان ۾ اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جي ممڪن سربراهه هاشم صفي الدين جي شهادت جا اطلاع آهن، هاشم صفي الدين گذريل جمعي کان ٻين اڳواڻن سان رابطي کان ٻاهر آهي.

خبرون