ڊي ايس پي علي رضا جي قتل ۾  ملوث   2 دهشتگرد مارجي ويا آهن: ضياءُ الحسن لنجار

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڊي ايس پي علي رضا جي قتل ۾ ملوث پابندي مڙهيل 2 دهشتگرد عثمان ۽ قاسم رشيد مارجي ويا آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٻئي دهشتگرد ڊي ايس پي علي رضا جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا جيڪي سي ٽي ڊي جي مقابلي دوران مارجي ويا آهن. ضياءُ الحسن لنجاري ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ انجي ٽيم جي دليراڻي ڪارڪردگي کي ساراهيندي شاباش ڏني. هن چيو ته ملڪ ، سماج دشمن عنصر ۽ دهشتگردن جا ارادا رکندڙن خلاف ڪارروائي ڪندڙ سي ٽي ڊي ٽيم کي جس هجي . گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن.

خبرون