پيپلز پارٽي ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي حمايت نه ڪندي: سعيد غني

عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي نائب صدر نياز محمد خان سميت ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا، صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڪي پي ۾ گورنر راڄ جي حمايت نه ڪندي. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ڪجھ دوست شموليت ڪئي آھي،جنھن ۾ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جو نائب صدر نياز محمد خان آھي. هن ٻڌايو ته سيد محمد خان جنھن جو تعلق اين اين پي پي سان آھي، زبير خان طاھر خان سليم خان امجد نياز عامر خان سميت نارٿ ناظم آباد جا اڳواڻ شامل آھن ۔ سندس چوڻ هو ته نياز محمد خان سميت سڀني گڏجي پي پي ۾ شموليت سٺي ڳالهھ آھي، جڏهن ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ سان ھڪ بھترين سياسي سرڪل ٺھندو مان نياز محمد خان کي پ پ ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪيان ٿو . سعيد غني چيو ته ملڪي صورتحال ۽ مفادن کي پٺ تي رکي ملڪ جي صورتحال ڏسڻ گھرجي پر عمران نيازي کي پنھنجا مفاد پيارا آھن . هن چيو ته اين اين پي جي نياز محمد خان کي ڀليڪار ڪيون ٿا آمريت دور ۾ ساڻس گڏ سياسي لاڳاپا رھيا آھن ،پ پ ھڪ مقبول جماعت آھي اھا مقبوليت ماڻھن کي پ پ طرف راغب ڪري پئي سعيد غني چيو ته باني پي ٽي آئي اسٽشبلمينٽ کي چوندو رھيو منھنجو ساٿ ڏيو تـ مخالف پارٽين خلاف ڪاررايون ڪيو . هن چيو ته باني پي ٽي آئي حڪومت دوران چيو هو ته منھنجي اپوزيشن آھي سندس ذھن سياسي دشمني جو ھو ، جڏهن ته ھن جي جڏھن ڳالھ نه ھلي تـ آئي آيف ايم سان لاڳاپا خراب ڪيا ، جنھن ڪري معاشي حالتون خرابي ڏانھن وڌي ويون . هن چيو ته باني پي ٽي آئي اناپرست ماڻھو آھي جنھن جي انا پاڪستان کان چڙھيل آھي. سندس چوڻ هو ته عمران پاڪستان جي سالميت پاڪستان جي فوج ۽ عدالتن خلاف سازشون ڪري پيو .

خبرون