وفاقي سرڪار پشتون تحفظ موومنٽ تي پابندي ھڻي ڇڏي، نوٽيفڪيشن  جاري

وفاقي سرڪار پشتون تحفظ موومنٽ تي پابندي ھڻي ڇڏي آهي . وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي ايم جون سرگرميون امن امان ۽ ملڪي سلامتيءَ جي خلاف آھن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي ايم کي فرسٽ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو آھي. نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي ايم جون سرگرميون ملڪ لاءِ بهتر ناهن .

خبرون