جيڪو به اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث آهي اهو  بچي نه سگهندو: محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيڪو به اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث آهي اهو بچي نه سگهندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير ڪنهن به اداري جي حراست ۾ نه آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور گذريل رات ڀڄي ويو، ڪي پي هائوس ۾ نه آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سمورا سرڪاري ادار علي امين گنڊاپور کي ڳولي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته شهيد اهلڪار جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

خبرون