تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب مفلوج ٿيل معمول واري زندگي بحال ٿيڻ شروع

تحريڪ انصاف جي احتجاج سبب جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مفلوج ٿيل معمول واري زندگي بحال ٿيڻ شروع، 50 ڪلاڪن کانپوءِ موبائل فون سروس بحال ٿي وئي، ڊي سي راولپنڊي جو چوڻ آهي ته جاڙن شهرن کي ڳنڍيندڙ رستن تان رنڊڪون هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ جلد سمورا رستا کــُلي ويندا،راولپنڊي ۾ مجموعي طور ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي، ميٽرو بس، انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش سبب شهري سخت ڏکيائين جو شڪار رهيا، موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي به ختم ڪئي وئي، مختلف روڊن تي 3 هزار کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار موجود، ڊي چوڪ تي به پوليس جي وڏي نفري مقرر ، اسلام آباد ۾ فوج به 17 آڪٽوبر تائين امن امان جون ذميواريون سنڀاليون آهن

خبرون