چيف جسٽس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو نوٽيس وٺي:سعديه جاويد

سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ پارلياماني سيڪريٽري سعديه جاويد، اسلام آباد ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اهلڪار جي شهادت واري واقعي جو نوٽيس وٺي. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ پارلياماني سيڪريٽري سعديه جاويد جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي غنڊن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي . هن چيو ته چيف جسٽس صاحب اوهان بئريسٽر سيف جي بيان جو نوٽيس و ٺو . سعديه جاويد وڌيڪ چيو ته انارڪي احتجاج شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ آهي . سعديه جاويد جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو احتجاج عالمي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ آهي . هن چيو ته سعديه جاويد کي سڄي پاڪستان مان ٻاهر نڪتا آهن؟ سندس چوڻ آهي ته سنڌ مان هڪ چنگنچي به پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ ناهي وئي. سعديه جاويد چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان مان به ڪا تحريڪ انتشار جي احتجاج جي ناهي نڪتي . علي امين گنڊاپور سرڪاري وسيلا ۽ سرڪاري ماڻهن جو استعمال ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته علي امين گنڊاپور ڪي پي جي پوليس کي ٻئي صوبي جي پوليس سان وڙهائي رهيو آهي . هن مطالبو ڪيو ته تحريڪ انتشار خلاف عدالتن جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي .

خبرون