وفاقي گهرو وزير، ڪي پي جي وڏي وزير خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف سخت ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پوليس پي ٽي آءِ جي احتجاج مان 120 افغانين سميت 564 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، ڪي پي جا 11 پوليس اهلڪار به پڪڙيا ويا، جن وٽان ماسڪ، شيل، رٻڙ بلٽس برآمد ٿيون، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پوليس کي مظاهري ۾ استعمال ڪيو ويو، پـُرتشدد واقعن ۾ 31 اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس جا 75 اهلڪار زخمي ٿيا، علي امين گنڊاپور سميت شرپسنديءَ ۾ ملوث سمورن عنصرن خلاف ڪارروائي ٿيندي

خبرون