سنڌ جي وڏي وزير پاران فلسطين ۽ لبنان ۾ بي گناه ماڻهن جي قتل عام تي افسوس جو اظهار

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران فلسطين ۽ لبنان جي سر زمين تي بي گناه ماڻهن جي قتل عام تي افسوس جو اظهار، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته فلسطين جنگ کي هڪ سال ٿيڻ وارو آهي، هن وقت تائين هزاري بي گناه ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ٿي چڪا آهن، جنگ امن قائم ڪرڻ جو ذريعي نه ٿو بڻجي سگهي، دنيا جي خوبصورتي جنگ ۾ نه پر امن سان آهي

خبرون