ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ: انگلينڊ بنگلاديش کي 21 رنز سان شڪست ڏئي ڇڏي

ويمنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي 21 رنز سان شڪست ڏئي ڇڏي. 119 رنز جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم 7 وڪيٽن تي 97 رنز ٺاهي سگهي، بنگلاديش طرفان سوڀانا موستري 44 رنز ٺاهي نمايان رهي. انگلش ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 118 رنز ٺاهيون هيون. انگلينڊ طرفان ڊيني وائيٽ 41 رنز ٺاهي نمايان رهي. بنگلاديش جي ناهيدا اختر، فهيما خاتون ۽ ريتو موني 2، 2 وڪيٽون ورتيون. پهرين ميچ ۾ آسٽريليا سريلنڪا کي 6 وڪيٽن سان شڪست ڏني، آسٽريليا 94 رنز جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون.

خبرون