آمريڪا جي 6 رياستن ۾ طوفان ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 223 ٿي ويو

آمريڪا جي 6 رياستن ۾ طوفان ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 223 ٿي ويو آهي، سوين ماڻهو لاپتا آهن. سامونڊي طوفان سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي آمريڪي رياست نارٿ ڪيرولينا ۾ ٿي آهي ، جڏهن ته هن رياست ۾ فوتين جو انگ 106 ٿي ويو آهي. بنڪوم ۾ 72 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته فلوريڊا ۾ به درجنين شهري فوت ٿي ويا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب 7 لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا آهن، ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ اڍائي لک ، اتر ڪيرولانا ۾ سوا ٻه لک ، جارجيا ۾ ٻه لک گهر بجلي کان محروم ٿي ويا آهن. ٻوڏ متاثر رياستن ۾ ماڻهو صاف پاڻي سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ٻوڏ سبب متاثر گهر جي بالڪوني ۾ پناهه وٺي رهيا هئا.

خبرون