آئرلينڊ فوجي امن مشن کي واپس گهرائڻ واري اسرائيلي درخواست رد ڪري ڇڏي

آئرلينڊ اسرائيلي فوج پاران آئرش امن فوج کي اسرائيل-لبنان سرحد تان هٽائڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج آئرلينڊ کي درخواست ڪئي هئي ته گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل پنهنجا فوجي اسرائيل-لبنان سرحد تان هٽائي، پر ڊبلن اسرائيلي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. گڏيل قومن طرفان 1978۾ لبنان جي قبضي ڪيل علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪال جي مانٽرنگ لاءِ يونائيٽڊ نيشنز انٽيرم فورسز ان لبنان ۽ اَن آرمڊ ٽيڪنيڪل آبزرورز جوڙيون ويون هيون جيڪي اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ هن وقت تائين ڇڪتاڻ ۽ ٻين معاملن جي نگراني ڪري رهيون آهن. ميڊيا رپورٽس موجب گڏيل قومن جو امن مشن اٽڪل 10 هزار فوجين تي ٻڌل آهي جيڪو حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي نگراني ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي آئرلينڊ کي درخواست ان خدشي کي جنم ڏنو آهي ته، اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجون ڪارروايون تيز ڪرڻ سان گڏ سرحد تي وڏي پيماني تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيو آهي. آئرلينڊ اسرائيل تي واضح ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي امن مشن کي اسرائيل-لبنان سرحد تان واپس نه گهرايو ويندو ، پر خطي ۾ استحڪام لاءِ پنهنجون ڪوششون کي جاري رکندو.

خبرون