اسرائيل کي ميزائل حملن جي جواب ۾ ايران جي ايٽمي هنڌن کي نشانو بڻائڻ گهرجي: ٽرمپ

اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل ميزائل حملن جي جواب ۾ ايران جي ايٽمي هنڌن کي تباهه ڪري. نارٿ ڪيرولينا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته صدر جو بائيڊن جو ايران تي حملن جي حمايت نه ڪرڻ غلط آهي، اسان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ايران جا ايٽمي هٿيار آهن. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ميزائل حملن جي جواب ۾ اسرائيل کي ايران جي ايٽمي هنڌن کي نشانو بڻائڻ گهرجي. ٻئي طرف اسرائيل خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران سندن جوابي حملي جي جواب ۾ ڪو قدم کنيو ته اسرائيل ائٽمي هٿيار استعمال ڪندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايران اسرائيل تي 190 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا هئا جنهن ۾ اسرائيل جي ڳجهي اداري موساد جي هيڊڪوارٽر سميت مختلف هوائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو.

خبرون