اسرائيل جي جاءِ تي هجان ها ته ڪڏهن به ايران جي تيل جي ذخيرن تي حملا نه ڪيان ها:جو بائيڊن

آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته جيڪڏهن هو اسرائيل جي جاءِ تي هجي ها ته ايراني تيل تي حملو ڪرڻ بدران ڪنهن متبادل تي غور ڪري ها. صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ڪجهه ڊيموڪريٽس جو خيال آهي ته اسرائيلي وزيراعظم، ڪمالا هيرس جي مقابلي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر ڏسڻ چاهي ٿو. آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل اڃا اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته ايران کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي، جيڪڏهن هُو اسرائيل جي جاءِ تي هجي ها ته ايراني تيل جي ذخيرن تي حملي بدران متبادل تي غور ڪري ها. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم کي اها خبر هجڻ گهرجي آمريڪا کان وڌيڪ ڪنهن به اسرائيل جي مدد ناهي ڪئي.

خبرون