افغان ڪرڪيٽر راشد خان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، تصويرون وائرل

افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو ليگ اسپنر راشد خان ڪابل ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو، نڪاحي جي موقعي تي ورتل تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ميڊيا رپورٽن موجب راشد خان 3 آڪٽوبر تي افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ شادي ڪئي.اڳوڻي افغان ڪپتان محمد نبي به سوشل ميڊيا تي سندس شاديءَ جون تصويرون شيئر ڪندي راشد خان کي مبارڪون ڏنيون آهن. ٻئي طرف افغان ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ايڪس اڪائونٽ تان راشد خان جي شاندار شادي تقريب جون تصويرون به شيئر ڪيون ويون آهن

خبرون