آءِ سي سي سريلنڪن اسپنر تي پابندي لڳائي ڇڏي

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سريلنڪا جي اسپنر پراوين جيا وڪرما تي هڪ سال جي پابندي لڳائي ڇڏي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسپنر پراوين جيا وڪرما تي عالمي ڪرڪيٽ ۽ لنڪا پريميئر ليگ دوران اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جا الزام هئا. آءِ سي سي موجب، پراوين جيا وڪرما تي هر طرز جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. آءِ سي سي موجب، سريلنڪن اسپنر اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي قبول ڪئي، جنهن کانپوءِ مٿس هڪ سال جي پابندي لڳائي وئي آهي. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته سريلنڪن آف اسپنر پراوين جي هڪ سالا پاپندي ۾ ڇهن مهينن جي معطلي پڻ شامل آهي. واضح رهي ته پراوين جيا وڪراما پنج ون ڊي، پنج ٽيسٽ ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ سريلنڪن ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

خبرون