بالي ووڊ اداڪار گووندا گولي لڳڻ سبب زخمي، اسپتال منتقل

بالي ووڊ سپر اسٽار گووند ارجن آهوجا عرف گووندا کي سندس ئي رهائشگاهه تي ريوالور مان گولي لڳي، جنهن بعد کيس اسپتال داخل ڪيو ويو.ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب واقعو اڱاري جي صبح 5 وڳي ان وقت پيش آيو، جڏهن 60 ورهين جو اداڪار ۽ شيو سينا اڳواڻ پنهنجي جوهو واري گهر ۾ اڪيلو هو.اداڪار جي مئنيجر ششي سنها هڪ بيان ۾ چيو ته ڪلڪتي ۾ منعقد هڪ شو ۾ وڃڻ لاءِ صبح 6 وڳي جي اڏام هئي، مان ايئرپورٽ تي پهچي چڪو هوس ۽ گووندا گهران نڪري رهيو هو ته کيس حادثاتي طور پير ۾ گولي لڳي.ششي سنها جو چوڻ آهي ته لائسنس وارو ريوالور الماڙيءَ ۾ رکڻ دوران ڪري پيو ۽ اتفاقي طور تي فائر ٿي ويو، خدا جو ڪرم آهي ته گووندا کي رڳو هڪ ڄنگهه ۾ زخم رسيو ۽ سندس زخم خطرناڪ نه آهي. گووندا جي مئنيجر وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ معمولي آپريشن کانپوءِ گووندا جي ڄنگهه مان گولي ڪڍي وئي آهي.واضح رهي ته گووندا 90 جي ڏهاڪي ۾ مزاحيه هيرو طور تمام گهڻي شهرت رکندڙ اداڪار هوندو هو.گووندا جي سپر هٽ فلمن ۾ آن (1993)، راجا بابو (1994)، قلي نمبر 1 (1995)، ديوان مستانه (1997)، دولهي راجا (1998)، بڙي ميان ڇوٽي ميان (1998)، اناڙي نمبر 1 (1999) شامل آهن. ) ۽ جوڊي نمبر 1 (2001). 2000 جي ڏهاڪي ۾، هن بلاڪ بسٽر فلمن ۾ ڪم ڪيو. جن ۾ ڀاگم ڀاگ (2006)، پارٽنر (2007) ۽ لائف پارٽنر (2009) شامل آهن.

خبرون