فواد خان بالي ووڊ ۾ واپسيءَ لاءِ تيار، ڪهڙي اداڪارا سان گڏ ڪم ڪندو؟

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هڪ جيتري شهرت رکندڙ اداڪار فواد خان بالي ووڊ ۾ ٻيهر واپسيءَ لاءِ تيار آهي ۽ هن ڀيري هو هڪ ٻي اداڪارا سان گڏ اسڪرين تي نظر ايندو. ڀارتي ميڊيا موجب 2016 ۾ رليز ٿيل بالي ووڊ فلم اي دل هي مشڪل کانپوءِ فواد خان هاڻي ڀارتي اداڪارا ريڌي ڊوگرا سان بالي ووڊ ۾ واپسيءَ لاءِ تيار آهي. رپورٽ موجب فواد خان مشهور ڀارتي ٽي وي اداڪارا ريڌي ڊوگرا سان گڏ رومانوي ۽ ڪاميڊي فلم ۾ ڪم ڪندو، باقي اداڪارن جي چونڊ اڃا رهيل آهي، پروجيڪٽ اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي ۽ ان حوالي سان ڪاغذي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، فلم جي ڊائريڪٽر جو نالو اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ڪئي ويندي ۽ اها 2025 جي آخر يا 2026 جي شروعات ۾ سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. ياد رهي ته فواد خان 2014ع ۾ سونم ڪپور سان فلم ”خوبصورت“ ۾ ڪم ڪيو هو، هن فلم ۾ بهترين اداڪاريءَ تي کيس فلم فيئر ايوارڊ پڻ مليو هو، جڏهن ته هن فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ ۾ به مختصر ڪردار ادا ڪيو هو. واضح رهي ته فواد خان جي بالي ووڊ ۾ واپسيءَ جي خبر هڪ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ڀارتي انتهاپسند پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي تاريخ جي سڀ کان ڪامياب فلم ليجنڊ آف مولا جٽ جي ڀارت ۾ نمائش وارين خبرن کي بنياد بڻائي باهه ڀڙڪائي رهيا آهن.

خبرون