شاهه رخ خان جي باڊي گارڊ روي سنگهه جي پگهار ڪيتري آهي؟

بالي ووڊ جو بادشاهه سڏجندڙ اداڪار شاهه رخ خان نه رڳو ڀارت، پاڪستان ۽ ايشيا ۾ مشهور آهي پر سڄي دنيا ۾ سندس مداح آهن، ايستائين جو آمريڪي اداڪار به شاهه رخ خان جا پرستار آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا به شاهه رخ خان جي ڪل اثاثن جي حوالي سان هڪ رپورٽ شايع ڪئي هئي، جنهن موجب شاهه رخ 2024 جي امير ترين اداڪارن جي لسٽ ۾ بالي ووڊ جي سمورن اداڪارن کي پوئتي ڇڏي پهرين نمبر تي آهي. هورون انڊيا رچ لسٽ پاران ڪيل انڪشاف موجب ڪنگ خان جي هن سال ڪل دولت 7300 ڪروڙ ڀارتي روپيا آهي، تازو ڪيترين ئي ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ شاهه رخ جي باڊي گارڊ روي سنگهه جي ماهوار پگهار جا تفصيل به پڌرا ڪيا ويا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب روي سنگهه گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪنگ خان جي حفاظت ڪري رهيو آهي، ساليانو 2.7 ڪروڙ رپيا ڪمائي ٿو، جنهن سان هو ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ باڊي گارڊ بڻجي ويو آهي.جيڪڏهن حساب ڪيو وڃي ته روي جي ماهوار پگهار لڳ ڀڳ 17 لک رپيا آهي. شاهه رخ خان جي اثاثن تي هڪ نظر: ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ هڪ فلم جو لڳ ڀڳ 18 ملين کان 30 ملين ڊالرز معاوضو وٺي ٿو، کيس 2023 جي بالي ووڊ فلم جوان لاءِ 12 ملين ڊالرز (100 ڪروڙ ڀارتي رپيا) مليا. شاه رخ خان جي ملڪيت: شاهه رخ خان ڀارت کانسواءِ مختلف ملڪن ۾ به پراپرٽيز ذريعي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ممبئي ۾ سندس رهائش ”منت“ جو مُلهه 28 ملين ڊالرز (200 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي).اداڪار جي پراپرٽي پورٽ فوليو ۾ دبئي ۾ پام جميرا تي هڪ وسيع ولا ۽ لنڊن جي پارڪ لائين تي هڪ خوبصورت اپارٽمينٽ پڻ شامل آهي. IPL ٽيم جي ملڪيت: شاهه رخ خان انڊين پريميئر ليگ (IPL) جي اهم ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائڊرز جو شريڪ مالڪ پڻ آهي، جنهن جي KKR برانڊ ويليو 100 ملين ڊالرز کان وڌيڪ آهي.

خبرون